پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه

پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه

اظھر علي شاهه ڊاڪٽر

اظھر علي شاهه، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سوشيالاجي- 2013ع)، ايل ايل بي (2016ع)، ايم ايس سي (اليڪٽرونڪس- 1998ع) ۽ ايم. فل (انفارميشن ٽيڪنالاجي- 2004ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. جڏهن ته 2011ع ۾ انگلنڊ جي ناٽنگھم يونيورسٽيءَ مان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اليڪٽرونڪس شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ هن وقت ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر اظھر علي شاهه سنڌ يونيورسٽي دادو ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپس جو ڪجهه عرصي لاءِ پرووائيس چانسلر رهيو آهي. ان کانسواءِ شھيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ملڪي توڙي غير ملڪي تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪيترين ئي ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪانفرنسن ۾ شامل ٿي مقالا پيش ڪيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”Reforms needed in the Universities of Sindh“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.02.05  عيسوي

تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اورنگزيب عالمگير
زرغونه
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
علي احمد جمالي
پير ڪرهيو ڀانڊاري
حسينه معين
درگداس بي آڏواڻي
فرزانه پنهور
اظهر سولنگي
آصف نواز جنجوعا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون